لاس اينجلس: هالي ووڊ جو مشهور هدايتڪار روب رائنر ۽ سندس گهرواري پنهنجي گهر مان فوت ٿيل حالت ۾ مليا آهن.
آمريڪي ميڊيا موجب، هدايتڪار روب رائنر ۽ سندس گهرواري مشيل رائنر لاس اينجلس ۾ پنهنجي گهر مان فوت ٿيل حالت ۾ مليا آهن.
رپورٽ موجب، لاس اينجلس پوليس واقعي کي قتل جو شڪي ڪيس قرار ڏيندي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته خاندان جو هڪ فرد جڏهن سندن گهر پهتو ته ٻنهي کي فوت ٿيل حالت ۾ ڏٺو ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو.
واضح رهي ته روب رائنر مشهور ٽي وي سيريز All in the Family جو اداڪار پڻ رهيو آهي ۽ فلمن When Harry Met Sally ۽ The Princess Bride جو هدايتڪار طور به سڃاتو وڃي ٿو.
ک
تبصرے بند ہیں۔