اين ڊي ايم اي جي ٽئين امدادي کيپ ڪولمبو پهچي وئي

ڪولمبو: سريلنڪا جي ٻوڏ متاثرين لاءِ اين ڊي ايم اي پاران امدادي سامان جي ٽئين کيپ ڪولمبو پهچي وئي آهي.پاڪستان جي حڪومت سريلنڪا جي ٻوڏ متاثرين لاءِ پنهنجون امدادي ڪارروايون جاري رکي رهي آهي. اين ڊي ايم اي پاران 12 ٽن امدادي سامان جي ٽئين کيپ خميس ڏينهن ڪولمبو پهچاي وئي.سريلنڪا جي اختيارين سرڪاري طور تي ڪولمبو ايئرپورٽ تي پاڪستان پاران موڪليل امدادي کيپ وصول ڪئي. امدادي سامان ۾ ببل ميٽ، مڇر دانيون، گدا، بستري جون چادرون، خيما ۽ ترپال شامل آهن، جيڪي متاثر علائقن ۾ فوري امداد طور ورهايا ويندا.پاڪستان جي حڪومت اين ڊي ايم اي جي مدد سان پنهنجي برادر ملڪ سريلنڪا ۾ امدادي سرگرميون جاري رکي رهي آهي.پاڪستاني عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ پوري قوم ڏک جي هن گھڙي ۾ پنهنجي سريلنڪن ڀائرن سان گڏ بيٺي آهي ۽ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي رهندي.

تبصرے بند ہیں۔