يو اي اي ۾ جمعي جي اذان ۽ نماز جو نئون نظام متعارف، سمورين مسجدن ۾ هڪ ئي وقت مقرر

ابوظهبي:  متحده عرب امارات سموري ملڪ ۾ جمعي جي نماز جي وقت ۾ اهم تبديلي جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن جي تحت سموري ملڪ جي سمورين مسجدن ۾ جمعي جي نماز هڪ ئي وقت ۾ ادا ڪئي ويندي.

پرڏيهي ميڊيا موجب 2 جنوري 2026 کان جمعي جو خطبو ۽ ٻنپهرن جي نماز 12 لڳي 45 منٽن تي سمورين مسجدن ۾ هڪ ئي وقت ادا ڪئي ويندي.

اهو اعلان جنرل اٿارٽي آف اسلامڪ افيئرز، اوقاف، زڪوات طرفان ڪيو ويو جنهن موجب نون وقتن جو مقصد پوري امارات ۾ جمعي جي نماز جو وقت هڪ جهڙو بنائي ٿو.

اٿارٽي شهرين تي زور ڏنو آهي ته اهي وقت کان اڳ مسجد پهچن جيئن خطبو ۽ نماز جي وقت تي ادائگي ڪري سگهجي. نئون نظام سموري امارات ۾ هڪ ئي وقت لاڳو ٿيندو ۽ انهي جو لاڳو نئين سال 2026 کان شروع ٿي ويندو.

 

تبصرے بند ہیں۔