يو ٽيوبر رجب بٽ ۽ ٽڪ ٽاڪر نديم مبارڪ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش، ضمانت منظور

اسلام آباد:  پاڪستاني يو ٽيوبر رجب بٽ ۽ ٽڪ ٽاڪر نديم مبارڪ(ناني والا) اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ(آءِ ايڇ سي) ۾ ڪيترن ئي ڪيسز جي سلسلي ۾ پيش ٿيو. عدالت هدايت ڏني هئي ته ٻنهي سوشل ميڊيا شخصيتن کي اسلام آباد ايئر پورٽ پهچڻ تي گرفتار نه ڪيو وڃي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس راجه انعام امين منهاس جي نگراني ۾ اهي پيش ٿيا، جنهن پهريان به رجب بٽ ۽ نديم ناني والا کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو هو. ٻنهي جي خلاف داخل ڪيسز ۾ آن لائين بيٽنگ، گيمز ايپس جي مشهوري ۽ ٻين  تڪراري سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جا الزام شامل آهن.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ڇو ته ڪراچي ۾ به ڪيسز ٻڌڻي هيٺ آهي انهي لاءِ 15 ڏينهن جي راهداري ضمانت ڏني وڃي.

وڪيل جي موقف تي جواب ڏيندي جسٽس انعام منهاس چيو ته 10 ڏينهن جي حفاظي ضمانت ڏني ٿي وڃي، لاڳاپيل عدالت سان رجوع ڪيو وڃي. جنهن کان پوءِ اسلام آٻاد هاءِ ڪوٽ ٻنهي جوابدارن کي 10 ڏينهن جي اندر لاڳاپيل  عدالت سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي راهداري ضمانت منظور ڪري ورتي.

رجب بٽ جيڪو پنهنجي لگزري زندگي جا وي لاگز ۽ فيملي تي ٻڌل مواد جي لاءِ مشهور آهي، بيٽنگ ايپس جي مشهوري جي سلسلي ۾ قانوني ڏکيائين ۾ ڦاٿل آهي، انهي جي يو ٽيوب چينل جي سبسڪرائبرز جو انگ 6.2 ملين کان وڌيڪ ۽ انسٽاگرام تي فالورز 2.7 ملين آهي. رجب بٽ انهي کان اڳ  برطانيه ۾ رهائش پذير هو پر برطانوي اختيارين انهي جو ويزا ملتوي ڪري انهي کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.

رپورٽن موجب برطانيه جي هوم ڊپارٽمينٽ اهو قدم انهي وقت کنيو جڏهن اهو انڪشاف ٿيو ته رجب بٽ ويزا لاءِ درخواست ڏيڻ وقت پاڪستان ۾ جاري قانوني ڪيسز جي ڄاڻ فراهم نه ڪئي، برطانيه ۾ گرفتار ڪرڻ کان پوءِ انهي کي صبح جي وقت پاڪستان جي لاءِ جهاز ۾ اماڻيو ويو رجب بٽ هاڻ لنڊن ۾ انهي فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪرڻ ۽ قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو پڻ ارادو ظاهر ڪيو آهي.

رجب بٽ ۽ نديم ناني والا جي قانوني مسئلن پاڪستان ۾ ڪافي ڌيان حاصل ڪيو آهي ڇو ته عوام ۽ ماهرن سوشل ميڊيا تي بيٽنگ ۽ ٻين تڪراري مواد جي مشهوري ۾ انفلوئنسرز جي ڪردار تي سوال اٿاريا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو انهي ڪيس ۾ فيصلو مستقبل ۾ اهڙن ڪيسز جي لاءِ اهم مثال قائم ڪندو.

 

تبصرے بند ہیں۔