اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هر فرد جي عزت، برابري ۽ انصاف جو تحفظ رياست جي بنيادي ترجيح آهي.انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسلام انساني وقار، انسانيت جي احترام ۽ برابري جي اصولن تي زور ڏئي ٿو، جڏهن ته پاڪستان جو آئين هر شهري کي بنا ڪنهن فرق جي بنيادي حقن ۽ آزادين جي ضمانت ڏئي ٿو.هن چيو آهي ته قائداعظم پاڪستان کي هڪ اهڙي رياست طور تصور ڪيو هو جيڪو هم آهنگي، رواداري ۽ وقار تي ٻڌل هجي ۽ حڪومت انساني حقن جي فروغ ۽ تحفظ لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي.صدر زور ڏنو ته ڪمزور ۽ محروم طبقن جي حقن لاءِ وڌيڪ مضبوط قدمن جي ضرورت آهي، جڏهن ته رياست جي ذميواري آهي ته عورتن، ٻارن، اقليتن ۽ خاص ماڻهن کي بااختيار بڻائي.پنهنجي پيغام ۾ صدر سماج ۾ احترام، رواداري ۽ باهمي وقار جي فروغ کي وقت جي ضرورت قرار ڏنو ۽ چيو ته انساني حقن جي تحفظ ۾ سول سوسائٽي، رياستي ادارن ۽ بين الاقوامي ڀائيوارن جو ڪردار تمام ضروري آهي.آصف علي زرداري عالمي سطح تي انساني حقن جو ڏينهن ملهائڻ تي گڏيل قومن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي انساني وقار، برابري ۽ انصاف جي بالادستي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.صدر وڌيڪ چيو ته هر پاڪستاني کي خوف، ظلم ۽ امتياز کان آزاد زندگي گذارڻ جو حق آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ڪمزور طبقن جي حفاظت لاءِ قومي ڪوششن کي ڪامياب ڪري.
تبصرے بند ہیں۔