آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ چوٽي جو مقابلو جاري ، جوبائيڊن کي ٽرمپ تي سرسي حاصل

واشنگٽن : آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ چوٽي جو مقابلو جاري آهي، جوبائيڊن کي ٽرمپ تي سرسي حاصل آهي، آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن جي پولنگن جي نتيجن جو سلسلو جاري آهي ۽ ٽرمپ ۽ جوبائيڊن جي وچ ۾ چوٽي جو مقابلو ٿي رهيو آهي، امريڪي صدارت جي لاءِ ۽ وائٽ هائوس جو مهمان ٿيڻ لاءِ صدارتي اميدوار کي 270 اليڪٽورل ووٽ گهربل آهن، غيرملڪي ميڊيا موجب ڊيمو ڪريٽڪ اميدوار جوبائيڊن 237 ۽ ري پبلڪن اميدوار آمريڪي صدر ٽرمپ هن وقت تائين 210 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪري چڪو آهي، آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته 19 رياستن ۾ ري پبلڪن اميدوار ٽرمپ ۽ 16 رياستن ۾ ڊيمو ڪريٽڪ اميدوار بائيڊن کي سرسي حاصل آهي ۽ 16 رياستن جا نتيجا اڃان رهيل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔