نون ليگ پاران پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ وزيراعظم جي بريت خلاف سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج جو اعلان

لاهور (بيورو رپورٽ) نواز ليگ پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي بري قرار ڏيڻ خلاف سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو، نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پارليامينٽ تي حملي واري ڪيس ۾ وزيراعظم کي زبردسي بري ڪرايو ويو آهي، پراسيڪيوشن موقف اختيار ڪيو ته سياسي انتقام تحت ڪيس داخل ڪرايو ويو، عمران خان کي رستو ڏيڻ لاءِ عدليه کي استعمال ڪيو ويو، ادارن کي استعمال ڪرڻ سان جمهوريت پٽڙي تان لهي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔