اسلام آباد : پاڪستان ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 18 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، هڪ هزار 313 نوان ڪيس ظاهر، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ 14 هزار 646 آهي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اين سي او سي جي حڪمن تي عمل لاءِ رات جي وقت هوٽل ۽ دڪان بند ڪرائڻ جو پڻ سلسلو جاري آهي، ڪٿي ايس او پيز تي عمل ڪيو پيو وڃي ته ڪٿي عمل نه پيو ڪيو وڃي، انتظاميه طرفان ڪارروايون جاري آهن.