اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصل واوڊا ڪيس جي ڪارروائي روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي وزير فيصل واوڊا  ڪيس جي ڪارروائي فوري طور تي روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت فيصل واوڊا ڪيس جي ڪارروائي کي فوري روڪڻ جي درخواست رد ڪندي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته اسٽي نه ڏيندس ۽ اليڪشن ڪميشن جو رڪارڊ ڏسي  فيصلو ڪنداسين.

فيصل واوڊا جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ 4 درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن جنهن تي بيرسٽر جهانگير جدون چيو ته هي اليڪشن ڪميشن وڃي چوندا آهن ته هي معاملو هاءِ ڪورٽ ۾  به هلي رهيو آهي. عدالت فيصل واوڊا جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيوته ڇا اوهان جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.؟ اوهان اليڪشن ڪميشن جي آرڊر شيٽس درخواست سان گڏ ڇو ناهي لڳائي؟ اوهان اليڪشن ڪميشن ۾ به پيش ناهيو ٿي رهيا. وفاقي وزير فيصل واودا جي جواب جمع نه ڪرائڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته واضح حڪم ڏنو هو ته جواب جمع ڪرايو ته اڃان تائين جواب ڇو ناهي جمع ڪرايو ويو؟

اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا جي نامزدگي وارن ڪاغذن سميت سمورو رڪارڊ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو ۽ چيو ته فيصل واوڊا جا وڪيل  هيڏانهن پيش ناهن ٿي رهيا ۽ هتي به اهوئي ڪري رهيا آهن. عدالت چيو ته لڪ لڪوٽي جي راند نٿا کيڏي سگهون. هن شين جو ڪوبه فائدو ناهي هوندو. وڪيل اليڪشن ڪميشن عدالت ۾ چيو ته رڪارڊ سان گڏ ٻٽي شهريت نه رکڻ جو فيصلو واوڊا جو بيان حلفيه به ڏنو ويو آهي.

جسٽس عامر فاروق چيو ته ڪيس اهو آهي ته فيصل واوڊا نامزدگي جا ڪاغذ جمع ڪرائڻ وٽ ٻٽي شهريت رکندو هو ۽ 11 جون 2018 جون تي حلفيه بيان جمع ڪرايو ته ٻٽي شهريت نٿا رکون جڏهن ته شهريت ترڪ ڪرڻ جي درخواست ته بعد ۾ 25 جون 2018 تي منظور ٿي ته ان جو مطلب آهي ته جڏهن حلفيه بيان جمع ڪرايو ويو ته هو آمريڪي شهري هو.

ان کان اڳ وفاقي وزير فيصل واوڊا نااهلي ڪيس ۾ عدالتي ڪارروائي تي حڪم امتناع جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته اليڪشن ڪميشن ۾ به اهڙي نوعيت جون 4 درخواستون التوا هيٺ آهن. ان لاءِ عدالت کان استدعا آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ درخواستن تي فيصلو اچڻ تائين ڪارروائي روڪي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔