ٽن منٽن دوران جهاز ۾ تبديل ٿيندڙ زبردست ڪار

لنڊن: سڄي دنيا ۾ ڪيترين ئي ٽيڪنالاجي ڪمپنين طرفان اڏامندڙ ڪار ٺاهڻ جو تجربو ڪيو پيو وڃي پر هاڻ تازو ئي هڪ اهڙي ڪار جو تجربو ڪيو ويو آهي جيڪا صرف 3 منٽن جي اندر جهاز ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.سلوواڪيا ڪمپني گذريل 30 سالن کان اڏامندڙ ڪار ٺاهڻ تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ هاڻ ڪمپني پنهنجو خواب پورو ڪري ڏيکاريو آهي. تازو ئي ڪمپني (ڪئين وزن) نالي اڏامندڙ ڪار جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي. ڪمپني موجب اها ايئر ڪار نه صرف هوا ۾ اڏامڻ جي صلاحيت رکي ٿي پر اها زمين تي به هلي سگهي ٿي ۽ هن ڪار ۾ ايئرڪرافٽ ۾ ٽرانسفارم تبديل ٿيڻ ۾ صرف 3 منٽن جو وقت لڳندو آهي.سلوواکيا ڪمپني موجب ڪار جو وزن 1100 ڪلو آهي جڏهن ته هي ايئرڪار اضافي 200 ڪلو وزن برداشت ڪرڻ جي صلاحيت به رکي ٿي. ڪلئين وزن ٺاهيندڙ ماهرن تازو ئي هن ايئر ڪار جي هڪ وڊيو يو ٽيوب تي شيئر ڪئي جيڪا تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيئن ڪار پهريان ايئرڪرافٽ ۾ تبديل ٿيندي آهي ۽ هوا ۾ اڏام ڀرڻ کان پوءِ اها زمين تي لينڊ ڪندي ڊوڙندي آهي. هن ڪار جي اڏام جو سلوواڪيا جي ايئرپورٽ تي تجربو ڪيو ويو آهي. هن ايئر ڪار جي اڏام جي تجربي ۾ ٻه ٽيڪ آف ۽ ٻه لينڊنگ شامل هئا جيڪي ڪافي حد تائين ڪامياب رهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔