گردشي قرضن ۾ واڌ…

اسلام آباد: موجوده حڪومت جون گردشي قرض کي ڪنٽرول ڪرڻ جون سموريون دعوائون ڌوڙ ثابت ٿيون ۽ قرض 1139 ارب رپين جي واڌ سان 2300 ارب رپين تائين پهچي ويو.
پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس راڻا تنوير حسين جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ توانائي واري وزير عمر ايوب گردشي قرض ۾ گهٽتائي جون سموريون دعوائون غلط ثابت ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو.
پاور ڊويزن اختيارين چيو ته توانائي شعبي جو گردشي قرض بي لغام ٿي ويو آهي، موجوده حڪومتي دور ۾ گردشي قرض ۾ هڪ هزار 139 ارب رپين جي واڌ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ قرض 2300 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي.
توانائي سيڪريٽري ٻڌايو ته گذريل ٽن مهينن ۾ 16 ارب رپيا گردشي قرض وڌي ويو، مالي سال 2019 جي پهرين 6 مهينن ۾ گردشي قرض 288 ارب، ٻين 6 مهينن ۾ 198 ارب رپيا وڌيو، مالي سال 2020 جي پهرين 6 مهينن ۾ 243 ارب رپيا ۽ ٻين 6 مهينن ۾ 294 ارب رپيا گردشي قرض وڌيو.
ڪميٽي چيئرمين چيو ته موجوده حڪومت 5 ڀيرا بجلي اگهن ۾ واڌ به ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔