شرميلا فاروقي جون دل ڌوڏيندڙ نيون تصويرون سامهون اچي ويون

ڪراچي: پيپلزپارٽي پاران سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شرميلا فاروقي گذريل ڪيترن ئي سالن کان سياست جي ميدان ۾ سرگرم رهي پر ڪي ٿورا ماڻهو ڄاڻندا هوندا ته شرميلا فاروقي 90 جي ڏهاڪي ۾ ٽي وي تي اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ کان علاوه پنهنجي سريلي آواز جو جادو پڻ ڏيکاري چڪي آهي.
شرميلا فاروقي سوشل ميڊيا تي ڪافي سرگرم آهي، لاڪ ڊائون جي ڏينهن دوران هن هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ سندس بورچي خاني ۾ کاڌو ٺاهيندي نظر آئي پر شرميلا فاروقي اهو وساري ڇڏيو ته هوءَ مرغي نه پر مڇي ٺاهي رهي هئي، ان وڊيو تي هن سان ڪافي مذاق ڪيو ويو.
پيپلزپارٽي جي ميمبر هڪ دفعو ٻيهر ماڻهن کان تنقيد جو نشانو بڻجي رهي آهي ۽ هن ڀيري سبب آهن سندس دل ڌوڏيندڙ تصويرون، يورپ ۽ آمريڪي ملڪن ۾ ماڻهو هيلوين جو ڏڻ ملهائيندا آهن جنهن ۾ هو ڊيڄاريندڙ روپ وٺندا آهن، شرميلا فاروقي به پاڻ کي جن سان تشبيهه ڏني جنهن ۾ هوءَ ڊيڄاريندڙ روپ وٺندي آهي ۽ تنقيد جو نشانو بڻجندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔