واٽس ايپ مقبول ترين ميسجنگ ايپ ڇو قرار ڏني وئي؟

لنڊن: فيس بڪ نه ئي انسٽاگرام، واٽس ايپ جي مقبوليت ۾ سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو. واٽس ايپ تي روزاني هڪ کرب ميسجز موڪليا ويندا آهن. سڄي دنيا ۾ واٽس ايپ جي صارفين جو انگ 2 ارب کان مٿي ٿي ويو آهي. واٽس ايپ طرفان ميسجنگ جي دنيا ۾ اڳيان وڌڻ کان پوءِ اهو تاثر به ملي ٿو ته فيس بڪ جي ملڪيت ايپليڪيشن ايس ايم ايس جو دور ختم ڪري ڇڏيو آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ فيس بڪ جي باني مارڪ زکربرگ جو چوڻ هو ته واٽس ايپ تي صارفين روزاني سوا ارب(هڪ کرب) ميسجز موڪليندا آهن. روزاني جي بنياد تي فيس بڪ ميسنجر تي ڪيترن پيغامن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي آهي ان باري ۾ حتمي انگ اکر ٿورو مشڪل آهي.2016 ۾ ڪمپني طرفان جاري ڪيل انگ اکر موجب فيس بڪ ميسنجر ۽ واٽس ايپ تي روزاني جي بنياد تي ٽوٽل 60 ارب پيغامن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي آهي. ان کان علاوه پيغام پهچائڻ جي مشهور ايپليڪيشن واٽس ايپ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔