ڪورونا جي خوف ڪترينا کي ”پي پي اي“ ڪٽ پائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو

نئين دهلي : ڪورونا صورتحال ۾ سفر ڪرڻ ماڻهن لاءِ ڏکيو بڻجي ويو آهي، جنهن دوران ماڻهو اڳ جيان آزادي سان سفر ڪرڻ بدران ايس او پيز جو خيال رکي رهيا آهن ۽ اهڙو ئي ڪجهه بالي ووڊ شخصيتن سان به ٿي رهيو آهي.
ڀارت ۾ ڪورونا جي خراب صورتحال سبب اداڪار به ڀرپور سيفٽي سان سفر جي پلاننگ ڪري رهيا آهن ۽ بالي ووڊ باربي ڊول ڪترينا ڪيف به ائين ئي ڪيو آهي، جنهن کي تازو ايئرپورٽ تي ڏٺو ويو، جتي هوءَ پي پي اي ڪٽ ۾ نظر آئي.
ڪترينا ڪيف پي پي اي ڪٽ سان پنهنجي تصوير مداحن سان پڻ شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ هوائي اڏي تي نظر اچي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔