ڪابل يونيورسٽي تي دهشتگرد حملو، 20 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل : افغانستان جي تخت گاهه ڪابل جي يونيورسٽي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا ۽ 40 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي پيا.
افغان گهرو وزارت جي ترجمان موجب حملو ڪندڙن ۽ سيڪيورٽي فورسز ۾ 6 ڪلاڪ مقابلو جاري رهيو، جنهن دوران 3 حملي آور مارجي ويا، هڪ پاڻ کي آپگهاتي ڌماڪي سان اڏايو ۽ 2 سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ مُئا.
ترجمان جو چوڻ هو ته دهشتگردن ٻي پهري مهل يونيورسٽي ۾ داخل ٿي شاگردن تي فائرنگ ڪئي، شاگردن حملي کانپوءِ ڀڄي ۽ ڀِتيون ٽپي زندگي بچائي.
حملو ان وقت ڪيو ويو، جڏهن افغان ۽ ايراني اعليٰ عهديدار يونيورسٽي ۾ ڪتاب ميلي جو افتتاح ڪرڻ وارا هئا.
افغان ميڊيا موجب هڪ شاگرد ٻڌايو ته کين هٿياربندن جي موجودگي جو اطلاع ڏنو يو، جنهن کانپوءِ شاگردن يونيورسٽي مان نڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.
اکين ڏٺن شاهدن موجب هٿياربندن جو نشانو شاگرد هئا ۽ اهي ڀڄندڙ شاگردن کي نشانو بڻائيندا رهيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب طالبان ان واقعي ۾ ملوث هجڻ جي ترديد ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔