صحت جي عالمي اداري جو سربراهه به قرنطينه ۾ هليو ويو

جنيوا : صحت جي عالمي اداري جو سربراهه تيدروس ايڊهانوم به قرنطينه ۾ هليو ويو.
تيدروس ايڊهانوم جو اڪيلائي اختيار ڪرڻ جو سبب اهو آهي، ڇو ته هن جو هڪ اهڙي شخص سان رابطو ٿيو هو، جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي.
ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جو ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کي منهن ڏيڻ جي جدوجهد ۾ اهم ڪردار آهي.
هوڏانهن آمريڪا جي جان هاپڪنز يونيورسٽي جي تصديق ٿيل انگن اکرن موجب ڪورونا وبا هيل تائين دنيا ۾ ساڍا 46 ملين انسانن کي متاثر ڪري چڪي آهي ۽ 1.2 ملين انسانن جي موت جو سبب به بڻي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔