ڪٺ پتلي حڪمرانن کي گلگت بلتستان ۾ ووٽ جي چوري يا ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين: بلاول ڀٽو

اسلام آباد : پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪٺ پتلي حڪمرانن کي گلگت بلتستان ۾ ووٽ جي چوري يا ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، پ پ چيئرمين گلگت بلتستان جي علائقي غِذر ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ڪنهن جي اشاري تي منشور ناهي ٺاهيو، گلگت بلتستان جو عوام مون کي هڪ موقعو ڏئي ته جيئن شهيد ڀٽو جو خواب پورو ڪري سگهان، چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ڪامياب ٿيندي ۽ ڪير به نه چئي سگهندو ته اهو سڀ ڪجهه سازش جو نتيجو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت ٻن سالن ۾ ڪوبه منصوبو شروع نه ڪيو ۽ نه ئي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪيا، حڪمرانن جي نااهلي جي هڪ ڊگهي فهرست آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔