پي ايس ايل فائيو: ڊوپليسي سميت 21 پرڏيهي ڪرڪيٽر پاڪستان اچڻ لاءِ تيار

لاهور: پاڪستان سپر ليگ جي پنجين ايڊيشن جي رهيل ميچن ۾ ڪُل 21 پرڏيهي رانديگر شرڪت ڪندا، جن ۾ ڏکڻ آفريقي اسٽار بيٽسمين فاف ڊوپليسي جو نالو پڻ شامل آهي، جيڪو پهريون ڀيرو پي ايس ايل جو حصو بڻيو آهي.
ڪورونا وائرس سبب معطل ٿيندڙ پي ايس ايل فائيو جي باقي ميچن لاءِ 21 پرڏيهي رانديگر ليگ ۾ شامل ٿي ويا آهن، جن ۾ ڏکڻ آفريقا جا 7، انگلينڊ جا 6، ويسٽ انڊيز جا 4، بنگلاديش جا 2، جڏهن ته آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جو هڪ – هڪ رانديگر شامل آهي.
انهن 21 رانديگرن ۾ ڏکڻ آفريقا جي فاف ڊوپليسي جو نالو اڳڀرو آهي، جيڪو پهريون ڀيرو پي ايس ايل جو حصو بڻجي رهيو آهي.
ان کان اڳ هو 2017 ۾ ورلڊ اليون جي دوري دوران ڪپتان جي حيثيت سان پاڪستان جو دورو ڪري چڪو آهي ۽ هاڻ پي ايس ايل ۾ پشاور زلمي جي نمائندگي ڪندو.
پي ايس ايل 5 جا پلي آف 14، 15 ۽ 17 نومبر تي ڪراچي ۾ کيڏيا ويندا، جنهن ۾ پشاور زلمي ڪيرون پولارڊ جي جاءِ تي ڊوپيلسي کي شامل ڪيو آهي، ڇو ته ڪيرون پولارڊ هن وقت پنهنجي قومي ٽيم سان گڏ آهي، جڏهن ته لاهور قلندرز ڪرس لين جي غير موجودگي ۾ تميم اقبال جون خدمتون حاصل ڪيون آهن.
بنگلاديش جو محمود الله پلي آف ۾ ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪندو، جڏهن ته لاهور قلندرز کي بين ڊنڪ، ڊين ولاز، ڊيوڊ ويسا ۽ سمت پٽيل جون به خدمتون حاصل هونديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔