هارائڻ جو خوف: صدر ٽرمپ چونڊن ۾ ڌانڌلي جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

پنسلوانيا: آمريڪي صدر ڊونلڊٽرمپ هارائڻ جي خوف کان چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
صدر ڊونلڊٽرمپ پنسلوانيا ۾ ريلي ۾ شريڪ ماڻهن کي خطاب دوران ٽوڪ ڪندي چيو ته نتيجن لاءِ تاريخ وڌايو ته جيئن ٻيا ماڻهو ووٽ وجهن.
هن چيو ته نتيجن جي تاريخ مايوس ڪندڙ آهي، جڏهن وقت هو تڏهن ماڻهن پنهنجو ووٽ ڇو نه وڌو، ڌانڌلي 3 نومبر جو اهو وقت هوندو جيڪو وقت سپريم ڪورٽ ڏيندي.
آمريڪي صدر چيو ته ڪاش سپريم ڪورٽ مونسان سٺو سلوڪ ڪري ها، ريپبلڪنز يقيني بڻائن ته 3 نومبت تي ووٽ وجهن، هڪٻئي کي پڪڙي پولنگ بوٿ وٺي وڃو ۽ ماتحت پنهنجي آفيسر کي به وٺي وڃي ووٽ وجهرائن.
ڊونلڊٽرمپ ريلي ۾ شريڪ ماڻهن کي چيو ته ڊيموڪريٽس کي ڌٻڻ جي ڪيڙن سان تشبيهه ڏيندي چيو ته جوبائيڊن آيو ته ڪورونا ويڪسين ۾ دير ٿي ويندي ۽ ٻيهر لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔