محبت جو اظهار نه ڪرڻ سبب آمريڪي عورت ڏهن مڙسن کان طلاق وٺي ڇڏي

واشنگٽن: بهترين مڙس نه ملڻ تي عورت هڪ ٻئي پٺيان ڏهن مڙسن کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪا سان تعلق رکندڙ ڪامياب ڪاروباري عورت بهتر زندگي گذارڻ جي مشوري لاءِ هڪ ڊاڪٽر وٽ وئي ۽ هن ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته مان بهترين مڙس جي لاءِ تمام گهڻو پريشان آهيان ۽ ان جي ڪري ئي مان هنيئر تائين 10 ڄڻن کان طلاق وٺي چڪي آهيان.عورت ڊاڪٽر کي چيو ته مون کي پرواهه ناهي ته هينئر تائين منهنجون ايتريون شاديون ڇو ناڪام ٿي ڇڪيون آهن پر مان هن وقت تائين ان ڪري هڪ ٻئي پٺيان شاديون ڪندي رهندي آهيان ته جيئن مون کي ڪو سٺو مڙس ملي. جڏهن ته مون کي اڃان تائين ڪو اهڙو مڙس ناهي مليو جيڪو مون سان تمام گهڻو محبت ڪندو هجي.آمريڪي عورت ٻڌايو ته پنهنجي هر شادي ۾ ڌار ٿيڻ جو فيصلو مون پاڻ ئي ڪيو هو. ٻئي طرف عورت جو چوڻ هو ته منهنجي ٻئي شادي 7 سالن جي عرصي تائين هلي. آمريڪي عورت جو چوڻ هو ته منهنجون سموريون شاديون ختم ٿيڻ جو سبب صرف اهو هو ته مڙس مون سان محبت جو اظهار نه ڪندا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔