فياض چوهاڻ فارغ، فردوس عاشق اعواڻ پنجاب جي وڏي وزير جي خاص معاون مقرر

لاهور: پنجاب جي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ کي عهدي تان هٽايو ويو آهي

فياض الحسن چوهاڻ کي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيفيڪيشن موجب فردوس عاشق اعواڻ کي پنجاب جي وڏي وزير جو خاص معاون بڻايو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب فياض الحسن چوهاڻ کي سڌ سماءَ جي کاتي وارو قلمدان واپس ورتو ويو آهي ۽ هاڻ هو صرف ڪالونيز کاتي جو صوبائي وزير هوندو.

نوٽيفڪيشن موجب فردوس عاشق اعواڻ وٽ سڌ سماءَ وارو شعبو هوندو. ان کانسواءِ وڌيڪ ٻه وزير مهر محمد اسلم ۽ زوار حسين وڙائچ کي به عهدي تان هٽايو ويو آهي.

مهر محمد اسلم ڪوآپريٽيو ۽ زوار حسين وڙائچ جيل خانه جات جا وزير هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔