فلپائن ۾ طاقتور سامونڊي طوفان جون تباهيون

منيلا : طاقتور سامونڊي طوفان ”گوني“ فلپائن ۾ تباهي آڻي ڇڏي.
اهو طوفان اڄ فلپائن جي سامونڊي علائقن سان ٽڪريو، جنهن جي نتيجي ۾ هيل تائين 4 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.
اهو ٽائيفون 225 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ هوائن سان آچر جي صبح ڪاتان دوآنيس جي ٻيٽ سان ٽڪريو، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي طوفاني جهوٽن جي رفتار 310 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ کان به وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي.
اختيارين خبردار ڪيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقن ۾ حالتون انتهائي خراب آهن، جتي امدادي ڪارروائيون جاري آهن، جن ۾ پوليس ۽ فوجي گڏجي حصو وٺي رهي آهي.
طوفان سبب متاثر ٿيل هيل تائين 10 لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔