اوهان ڪيئن فالج جهڙي مرض کان محفوظ رهي سگهو ٿا؟

لنڊن: فالج سڄي دنيا ۾ هر سال لکين ماڻهن جي موت جو سبب بڻجندا آهن ۽ اها فوري طور تي ڌيان جي ابتڙ هڪ اهڙي ميڊيڪل ايمرجنسي آهي جنهن جي دوران دماغ کي خاطر خواهه نقصان پهچڻ ۽ جسم جو ڪوبه حصو مفلوج ٿي سگهي ٿو.ورلڊ اسٽروڪ آرگنائيزيشن موجب عالمي سطح تي 25 سالن کان وڌيڪ عمر جي هر 4 مان هڪ ماڻهو کي ايندڙ زندگي ۾ فالج جي خطرن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. فالج ٻن قسمن جي هوندي آهي جن مان هڪ اسڪيمڪ اسٽروڪ“ اسڪيمڪ اسٽوڪ فالج جي سڀني کان عام قسم آهي.80 سيڪڙو کان وڌيڪ مريض فالج جي هن قسم جو شڪار ٿيندا آهن. فالج جي اها قسم ان وقت حملي آور ٿيندي آهي جڏهن دماغ جون نسون تنگ يا بلاڪ ٿي دماغ کي رت جي فراهمي ۾ کوٽ پيدا ڪري ڇڏيندي آهي.ٻئي قسم هيمريجڪ اسٽروڪ: هيمريجڪ اسٽروڪ ان وقت حملي آور ٿيندو آهي جڏهن ڪمزور رت جي نالي يا رڳون ڦاٽي پونديون آهن جنهن سبب نڪرندڙ رت دماغ تائين پهچڻ لڳندو آهي. 10 کان 20 سيڪڙو اسٽروڪ ڪيسز فالج جي ٻئي قسم جي آهي. صحتمند غذا ۽ عام زندگي جي روٽين ذريعي ڪنهن به انسان ۾ فالج جي خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. اهڙي طرح جي عمل کي اپنائڻ جي لاءِ اوهان کي ڇا ڪرڻو هوندو ان جي باري ۾ اسان اوهان کي ٻڌائينداسين. فالج سست زندگي گذارڻ ۽ وزن ۾ واڌ ۽ ٿولهه جي ڪري ٿيندو آهي جنهن سبب انساني جسم ۾ شگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر جو مرض حرڪت ۾ اچي ويندو آهي.طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان ڏينهن ۾ 10 کان 15 منٽن جي باقاعده ورزش هڪ سٺي شروعات ثابت ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته مناسب خوراڪ تي ٻڌل زندگي فالج بابت دل جي پيچيدگين جي خطرن کي گهٽ ڪري سگهي ٿي جنهن لاءِ ماهرن غذا ۾ فائبر جي وڌيڪ ۽ سڻڀ جي گهٽ مقدار تجويز ڪندا آهن.غذا ۾ وٽامنز ۽ منرلز جي مقدار وڌائن جي لاءِ فروٽ، سائي پتن واريون ڀاڄيون، مڇي ۽ بنا چرٻي واري گوشت جو استعمال ڪيو وڃي غذائيت ۾ واڌ جي لاءِ ويٽ ڪنٽرول ڊانٽ جي چونڊ به بهتر ثابت ٿي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔