ترڪي ۽ يونان ۾ آيل خوفناڪ زلزلي سبب چوڏنهن ماڻهو اجل جو شڪار، چار سو کان وڌيڪ زخمي

ويب ڊيسڪ؛ ترڪي ۽ يونان ۾ خوفناڪ زلزلو، ترڪي جَي سامونڊي شهر اِزمير ۾ خوفناڪ زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون، فوتين جو انگ 14 ٿي ويو، 400 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. زلزلي جو زور 7 رڪارڊ ٿيڻ بعد سونامِي جِي وارننگ به جاري ڪئي وئي، لاڳاپيل اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويئ، زلزلي بعد ڪيترن ئي علائقن ۾سامونڊي پاڻي داخل ٿي ويو، زلزلي سبب سخت متاثر ٿيل هنڌن تي امدادي ڪارروايون جاري آهن فوتگين ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. يونان ۾ زلزلي سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، زلزلي جا لوڏا بلغاريه ۽ مصر تائين محسوس ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔