گوگل جي متبادل نئين سرچ انجن جي تياري شروع ڪئي وئي

واشنگٽن: آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل سرچ انجن گوگل جي حڪمراني ختم ڪرڻ ۽ پاڻ ڀارڻ لاءِ پنهنجي نئين سرچ انجن جي تياري تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.گوگل هر سال ايپل تي 10 کان 12 ارب ڊالر ادا ڪندو آهي ته جيئن ايپل جي ڊيوائسز تي مرڪزي سرچ انجن جي طور تي رکيو وڃي. رپورٽ موجب گوگل سان گڏ ايپل جو معاهدو جلد ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ گوگل جي خلاف آمريڪي انصاف واري کاتي جي اينٽي ٽرسٽ ڪيس سبب ان ۾ واڌ نٿي ٿي سگهي. ايپل جي سرچ انجن ۾ صارفين جي پرائيويسي تي زور ڏنو ويندو ايپل طرفان گوگل کان پري رهڻ لاءِ ڪافي عرصي کان ڪم ڪيو پيو وڃي.ڪمپني جو ايپل بوٽ 2014 ۾ پهريون ڀيرو سامهون آيو هو ۽ لاڳيتو هو ويب تائين پهتو جڏهن ته آءِ او ايس 14 جي هوم اسڪرين تي ايپل ويب سائنس کي ڊائريڪٽ لنڪ ڪري گوگل کي مڪمل طور تي باءِ پاس ڪيو ويو. ايپل 3 سال اڳ گوگل آر ٽي فيشل انٽيلجنس شعبي جي سربراهه جان گياننانديرا جون خدمتون حاصل ڪيون هيون جيڪا هاڻ ايپل جي مشين لرننگ ۽ اي آءِ اسئرٽيي جو سينئر نائب صدر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔