مون کي اڄ به فواد خان تمام گهڻو وڻندو آهي: ايمن خان

ڪراچي: پاڪستاني اداڪاره ايمن خان چيو آهي ته مون کي اڄ به اداڪار فواد خان وڻندو آهي. ڊرامن جي اداڪاره ايمن خان انسٽاگرام تي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن مختلف سوالن جا دلچسپ جواب ڏنا.ان کان هڪ سوال پڇيو ويو ته ڪنهن به مشهور اداڪار يا اداڪاره جو پهريون تاثر ٻڌايو جنهن تي ايمان جواب ڏيندي چيو ته مان جڏهن به اقرا عزيز سان ملندي آهيان ته ان جي ملڻ جو انداز مون کي تمام گهڻو وڻندو اهي ڇو ته هو جڏهن به ملندي هئي رڙيون ڪندي ملندي آهي ايمن خان کان ٻيون سوال پڇيو ويو ته شوبز انڊسٽري ۾ اهڙي ڪهڙي مشهور شخصيت آهي جيڪا هن کي پهرين ئي نظر ۾ وڻي وئي هئي.ان سوال جي جواب تي اداڪاره مسڪرائيندي چيوته فواد خان ئي آهي جيڪو مون کي اڄ به تمام گهڻو وڻندو آهي. ايمن خان کان اهو به پڇيو ويو ته اوهان سان گڏ ڪم ڪندڙ ڪو اداڪار يا اداڪاره جنهن اوهان کي تمام گهڻو تنگ ڪيو هجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔