پهرين ون ڊي: پاڪستان زمبابوي کي 26 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

راولپنڊي: سيريز جي پهرئين ميچ ۾ پاڪستان زمبابوي کي 26 رنز سان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاڪستان زمبابوي کي کٽڻ لاءِ 282 رنز جو هدف ڏنو هو جواب ۾ زمبابوي جي ٽيم 255 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.
پنڊي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان جي ڪپتان بابراعظم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو،
پاڪستان طرفان امام الحق ۽ عابد علي اننگز جي شروعات ڪئي ۽ ٻنهي رانديگرن جي وچ ۾ پهرين وڪيٽ جي شرڪت داري ۾ 47 رنز ٺهيون ته عابد علي ايل بي ڊبليو ٿي ويو.
قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم به 19 رنز ٺاهي وڪيٽن پويان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته امام الحق 58 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو.
محمد رضوان ۽ افتخار احمد به ترتيبوار 14 ۽ 12 رنز جو مهمان ثابت ٿيو جڏهن ته حارث سهيل 6 چوڪن ۽ 2 ڇڪن جي مدد سان 71 رنز جي اننگز کيڏي.
بابراعظم پهريون ڀيرو ون ڊي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهي جڏهن ته قومي ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان انجري سبب پهرئين ميچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو.
فهيم اشرف ۽ عماد وسيم طرفان آخري اوورز ۾ تيزيءَ سان اننگز کيڏي وئي ۽ ٻنهي رانديگرن ترتيب وار 23 ۽ 34 رنز ٺاهيون جنهن جي بدولت پاڪستان مقرره 50 اوورز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 281 رنز ٺاهيون، پاڪستان طرفان حارث رئوف هڪ جي ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔