پاڪستان ۾ 4 ورهين دوران سائبر ڪرائمز ۾ واڌ

پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي وڌندڙ استعمال سان گڏوگڏ سائبر ڪرائمز به تيزي سان وڌي رهيا آهن ۽ گذريل 4 ورهين دوران سائبر ڪرائمز ۾ 12 هوڻ تي واڌ ڏٺي وئي آهي.
ملڪ ۾ سائبر ڪرائم جي حوالي سان قانون سازي کان پوءِ هر سال ڏوهن جي انگ ۾ واڌ نوٽ ڪئي وئي آهي. انهن ڏوهن ۾ جنسي هراسان ڪرڻ، مالياتي فراڊ، ڊيٽا چوري، سوشل ميڊيا تي سڃاڻپ جي چوري وغيره، ٻارن جون غير اخلاقي تصويرن ۽ ويڊيوز پکيڙڻ جا ڪيس شامل آهن.
واضح رهي ته سائبر ڪرائم جي خاتمي ۽ عوام ۾ ان حوالي سان آگاهي لاءِ ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ سوشل ميڊيا اڪائونٽن جي ذريعي عوام ۾ انهن ڏوهن جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان کان سواءِ مختلف هدايت ناما به جاري ڪيا ويا آهن جيڪي ايف آءِ اي جي ويب سائيٽ تي موجود آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔