ترڪي جَي سامونڊي شهر اِزمير ۽ ڀرپاسي ۾ خوفناڪ زلزلو، 6 کان وڌيڪ عمارتون ڊهي پيون

ڪراچي : ترڪي جَي سامونڊي شهر اِزمير ۽ ڀرپاسي ۾ خوفناڪ زلزلي دوران 6 کان وڌيڪ عمارتون ڊهي پيون. زلزلي دوران وڏَي جاني نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جو زور 7 رڪارڊ ڪيو ويو، زلزلي سبب شهر ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، شهري رستن تي نڪري آيا. مقامي انتظاميا متاثر علائقن جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي. زلزلي سبب سمنڊ جون ڇوليون اٿلِي پوڻ سبب ڀرپاسي جَي علائقن ۾سامونڊي پاڻي داخل ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔