نبي صه جي گستاخي کان وڌيڪ ڪو به عمل تڪليف ڏيندڙ ناهي: وزير اعظم

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته نبي ڪريم صه جي شان ۾ گستاخي کان وڌيڪ ڪو به عمل تڪليف ڏيندڙ ناهي ۽ اولهه جي ماڻهن کي سمجهه ئي ناهي ته مسلمانن جو نبي ڪريم صه سان عقيدت جو ڪهڙو رشتو آهي.

اسلام آباد ۾ قومي رحمت للعالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته اسان کي پنهنجي نوجوانن کي حضرت محمد صه جي زندگي جي باري ۾ ٻڌائڻو آهي، ان ڪري اسان فيصلو ڪيو آهي ته اسان اٺين، نائين ۽ ڏهين درجي ۾ نبي ڪريم صه جي سيرت بابت مضمون شامل ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته مون ڪرڪيٽ کيڏندي حياتي جو گهڻو عرصو  اولهه ملڪن ۾ گذاريو آهي، اولهه جي ماڻهن کي  سمجهه ئي ناهي ته اسان جي نبي ڪريم صه سان ڪيتري عقيدت آهي، اولهه معاشري ۾ اُهو ادب  ناهي جيڪو اسان جي معاشري ۾ آهي.

 وزير اعظم عمران خان چيو ته يورپ ۾ انتهائي گهٽ ماڻهو آهن  جيڪي پنهنجي مذهب تي عمل ڪندا آهن،  جڏهن اُتي ويس ته ڏٺو هنن پيغمبرن تي فلمون ٺاهي رکيون آهن.

هن چيو ته يورپ ۾ هڪ ننڍو طبقو اسلام جي خلاف آهي ۽ پروپيگنڊه ڪندو آهي، او آءِ سي ڪانفرنس ۾ چيو هو ته مسلم ملڪن کي اسلامو فوبيا  جي مسئلي ت  گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، گڏيل قومن ۾به اِهو ئي موقف اختيار ڪيو ته مسلمانن جي جذبي جو احترام ڪيو وڃي.

هن جو چوڻ هو ته اولهه وارا مسلمانن جي رسول ڪريم صه سان عقيدت جي نزاڪت کي نٿا سمجهن، مسئلو سمجهڻ بدران مسلمانن کي تنگ نظر ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو مخالف قرار ڏنو ويو.

عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ ٿورڙا يهودي آهن پر هنن اهڙي مهم هلائي جو يورپ ۾ هولوڪاسٽ جي حوالي سان ڪير ڳالهه به نٿو سگهي، جيڪڏهن ڪير هولوڪاسٽ جي حوالي سان ڳالهائيندو آهي ته يهودين کي تڪليف ٿيندي آهي ۽ انهن کي جيل ۾وڌو ويندو آهي ته اهڙي  ريت جڏهن ڪير اسان جي پياري نبي صه جي شان ۾ گستاخي ڪري ٿو ته اسان کي به تڪليف ٿئي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔