صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان پاران قوم کي عيد ميلادالنبي صه جي مبارڪباد

اسلام آباد: صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان قوم کي عيد ميلادالنبي صه جي مبارڪباد ڏني ۽ قوم جي نالي پيغام ۾ چيو آهي ته سرور ڪائنات جي حيثيت بي مثال چنڊ جيان آهي. پاڻ سڳورن صه جي بي مثال تعليمات انسانن لاءِ روشن راهه آهي.

اسان هن سفر جي شروعات ڪري ڇڏي آهي هاڻ منزل وڌيڪ پري ناهي. وزيراعظم عمران خان آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صه جي يوم ولادت تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڻ سڳورن صه جي زندگي انسانيت جي رهنمائي آهي.

پاڻ سڳورن صه بي مثال فلاحي رياست قائم ڪري ڏيکاري عدل، انصاف، مذهبي ۽ سماجي آزادي جو عملي نمونو رياست مدينه هو. يورپ  رياست مدينه مان رهنمائي وٺي انساني فلاحي وارا ڪم ڪيا. عمران خان چيو ته ڪوشش آهي ته رياست مدينه جي تصور سان مڪمل رهنمائي حاصل ڪريون، ملڪ کي فلاحي رياست بنائڻ جي لاءِ اسان جون ڪوششون جاري رهنديون. 

ان حوالي سان مختلف شعبن ۾ معاشي ۽ معاشرتي اصلاحاتي ايجنڊا تي عمل جاري آهي ۽ هي هڪ ڊگهو ۽ صبر طلب جوڳو رستو آهي. پر اسان   هڪ قوم جيان هن سفر جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. منزل گهڻو پري ناهي تمام جلد ان جا بهتر نتيجا ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔