ڳالهين جي حقن ۾ ناهيون، چونڊون ڪرايون وڃن: مولانا فضل الرحمان

ملتان: پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان چيو اهي ته اسان نه ڳالهيون ڪنداسين ۽ ان جي حق ۾ آهيون جڏهن ته اسان جو مطالبو نيون چونڊون ڪرايون وڃن آهي.

پي ڊي اي جي صدر چيو آهي ته اسان نه ڳالهيون ڪنداسين ۽ نه ان جي حق ۾ آهيون، اسان جو مطالبو آهي ته نيون چونڊيون ڪرايون وڃن، اسان جا جلسا هلندا رهندا، سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي ۽ جيڪڏهن هو سيڪيورٽي نٿا ڏين ته پوءِ اسان پاڻ سيڪيورٽي جو بندوبست ڪنداسين.

هن چيو ته اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين اسٽيبلشمنٽ  جي سياسي مداخلت خلاف عمران خان جيڪو ڳالهيون ڪندو هو، اسان به اُهي ئي ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، پاڪستان جا جوان ۽ سيڪيورٽي ادارا اسان لاءِ انتهائي قابل احترام آهن پر اسٽيبلشمنٽ کي گهرجي ته هو آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔