ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي ولادت جو جشن، مسجدن، گهرن ۽ سرڪاري آفيسز کي سينگاريو ويو

ڪراچي : ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي ولادت جو جشن، سنڌ سوڌو سموري ملڪ ۾ مسجدن، گهرن ۽ سرڪاري آفيسز کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو، ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي موقعي تي ريليز ۽ جلوس ڪڍڻ جو سلسلو جاري، سنڌ ۾ هڪ ڏينهن لاءِ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، مٽياري، ڪشمور، خيرپور، گهوٽڪي ۽ ٻين شهرن ۾ جشن عيد ميلاد النبي جي موقعي تي ريليز، مديجي، ميرواهه گورچاڻي، روهڙي، ڳڙهي ياسين، ڪوٽ غلام محمد، ڊگهڙي، ڏهرڪي، کپرو، ٺارو شاهه، ڪوٽ لالو، ڪنڊيارو ۽ ٻين شهرن ۾ جلوسن دوران حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم کي ڀيٽا پيش، عاشقن طرفان حضرت محمد صلي الله عليه وسلم کي درُود ۽ سلام سان ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔