معاشرتي معاملن ۾ منبر ۽ محراب جو اهم ڪردار آهي: صدر عارف علوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي چيو آهي ته معاشرتي معاملن ۾ منبر ۽ محراب جو اهم ڪردار آهي، معاشرتي معاملن بابت اسلام حدن جو تعين ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ عيد ميلاد النبي جي حوالي سان رحمت اللعالمين ﷺ قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو ته صفائي بيمارين کان بچاءَ لاءِ ضروري آهي، اسلام ۾ وبائي مرضن کان بچاءَ لاءِ حڪم موجود آهن. هن چيو ته ڪرونا بابت پاڪستان جي حڪمت عملي کي عالمي پذيرائي ملي آهي. صدر چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي تعليم جو اولڙو اسان جي زندگي ۾ نظر اچڻ گهرجي. هن چيو ته نبي ڪريم صلعم جهالت، ظلم ۽ ڏاڍ جو خاتمو ڪيو. هن جو چوڻ هو ته عورتن کي وراثت ۾ حق جي ادائيگي تمام ضروري آهي. ان موقعي تي ڪانفرنس ۾ مذهبي معاملن جي وزير نورالحق قادري ۽ زرتاج گل به شرڪت ڪئي……

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔