ڪرونا وائرس جا ڪيس وڌي رهيا آهن: اسد عمر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪرونا وائرس جا ڪيس وڌي رهيا آهن، وائرس جي روڪٿام لاءِ نئين قانون سازي ڪرڻي پئي ته اها به ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ۽ جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر چيو ته قوم احتياط نه ڪيو ته صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون واري حڪمت عملي ڪامياب رهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ ڪجهه اسٽريٽس ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي،وڌيڪ قدم کڻڻا پيا ته اهي به کڻنداسين. هن چيو ته عوام کي ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔