اياز صادق خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۽ لاهور ٿاڻن تي درخواستون داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق پاران قومي سلامتي بابت بيان ڏيڻ تي ان خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۽ لاهور جي ٿاڻن تي درخواستون داخل ڪيون ويون آهن. فرقان نالي شهري لاهور جي سول لائنز ٿاڻي تي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي،پوليس جو چوڻ آهي ته قانوني راءِ معلوم ڪئي وئي آهي،درخواست تي راءِ اچڻ کانپوءِ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي…. درخواست گذار ڄاڻايو آهي ته ان جو واسطو ڪنهن به سياسي پارٽي سان ناهي.29 آڪٽوبر تي شام جو 7 وڳي هو ٽي وي پروگرام ڏسي رهيو هو جنهن ۾ اياز صادق جو بيان نشر ٿي رهيو هو. هن مطابق اياز صادق ڀارتي فوج جي حق ۾ ڳالهائي رهيو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔