اياز صادق جو معاملو معافي کان اڳتي وڌي ويو آهي: شبلي فراز

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ ن ليگ اڳواڻ اياز صادق جو معاملو معافي کان اڳتي وڌي ويو آهي. سوسل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي شبلي فراز چيو ته ادارن خلاف گهٽ وڌ ڳالهائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته رياست کي ڪمزور ڪرڻ معاف نه ڪرڻ جهڙو ڏوهه آهي. هن چيو ته اياز صادق ۽ سندس ڇاڙتن کي سزا ضرور ملڻ گهرجي. شبلي فراز چيو ته وزير اعظم عمران خان پاڪستان کي مديني جي رياست جي تصور تحت فلاحي ملڪ بنائڻ جو ارادو رکي ٿو. هن چيو ته اهڙي رياست جتي انصاف جو بول بالا هجي ۽ سڀني سان هڪجهڙو ورتاءَ ڪيو وڃي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔