اياز صادق جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: فياض الحسن چوهاڻ

لاهور (م ڊ) پنجاب جي سڌ سماءَ جي وزير فياض الحسن چوهاڻ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اياز صادق جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي . لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فياض چوهاڻ چيو ته اياز صادق جي بيان سبب مسئلو پيدا ٿيو آهي. هن چيو ته مسجد آچار پارٽي ايندڙ ڊسمبر ڏسي نه سگهندي. فياض چوهاڻ دعوا ڪئي ته اطلاع آهن ته مريم ن ليگ پنهنجي نالي تي رجسٽرڊ ڪرائڻ گهري ٿي ۽ ان جون واڳون سنڀاليندي. صوبائي وزير چيو ته شريف ڀائرن ۾ ڏار پئجي چڪا آهن، نواز شريف ۽ مريم نواز ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش پيا ڪن پيا. هن چيو ته شهباز ڪٽنب جو جاتي امره اچڻ وڃڻ بند آهي، جڏهن ته فضل الرحمان پنهنجو وفد جاتي امرا موڪليو هيو، جي يو آءِ وفد واضح ڪيو ته ن ليگ جي بيانئي جو بار کڻي نٿا سگهون….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔