ڏاڙهي نه ڪوڙائڻ تي معطل پوليس آفيسر گوڏا کوڙي ڇڏيا

نئين دهلي: ڀارتي پوليس جي مسلمان ڪانسٽيبل نوڪري بچائڻ جي لاءِ آخر گوڏا کوڙي ڇڏيا جنهن بعد کيس نوڪري تي بحال ڪيو ويو.
اتر پرديش جي شهر باغپت ۾ ايس ايس پي مسلمان پوليس ڪانسٽيبل انشار علي کي ڏاڙهي رکڻ جي ڏوهه ۾ ملازمت تان معطل ڪري ڇڏيو هو.
مسلم ڪانسٽيبل کي ٽي ڀيرا تنبيهه ڪئي وئي ته هو پنهنجي ڏاڙهي ڪوڙائي يا ان لاءِ طريقيڪار موجب اختيارين کان باقاعده طور اجازت وٺي.
هن چيو ته 29 نومبر 2019ع ۾ انسپڪٽر جنرل (آءِ جي) ميرٺ کي هڪ خط لکيو هو ۽ آءِ جي کان ڏاڙهي رکڻ جي اجازت گهري هئي. سب انسپڪٽر طرفان لکيل خط تي سال گذرڻ جي باوجود ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو جنهن تي هو ڏاڙهي سان گڏ ئي نوڪري ڪندو رهيو.
ان کان پوءِ پوليس جي اعليٰ اختيارين انتشار علي جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو ۽ ان کي معطل ڪري ڇڏيو هو.
پر هاڻ نوڪري بچائڻ خاطر انتشار پنهنجي ڏاڙهي ڪوڙائي ڇڏي جنهن کان پوءِ هن کي ڊيوٽي تي بحال ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔