ڪشمير تي ڀارتي قبضي جا 73سال مڪمل، وزيراعظم انصاف ملڻ تائين مدد جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: ڪشمير تي ڀارتي قبضي جا 73 سال مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان ڪشميري عوام کي انصاف ملڻ تائين ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

وزيراعظم عمران خان يوم يڪجهتي ڪشمير ۽ ڪاري ڏينهن تي پيغام ڏيندي چيو آهي ته اسان اهو ڏينهن ڀارتي غيرقانوني قبضي جي مذمت  ڪرڻ جي لاءِ ملهائي رهيا آهيون. اڄوڪي ڏينهن اسان ڪشميري عوام جي مڪمل حمايت جو ارادو ڪري رهيا آهيون. يوم يڪجهتي ڪشمير انساني تاريخ  جي هڪ اونداهي باب کي اجاگر ڪندو آهي. اڄوڪي ڏينهن تي 73 سال اڳ ڀارتي فورس جمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن تي  زبردستي قبضو ڪيو.

عمران خان چيو ته اڄوڪو ڏينهن ڀارتي فوج ڪشميري عوام کي زبردستي بندي بنائيندي سرينگر پهتي. جمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جو غيرقانوني قبضو هڪ عالمي تڪرار آهي ۽ ان تڪرار جو حل گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ آهي ست ڏهاڪن کان جاري ظلمن جي باوجود ڀارت ڪشميري عوام جا ارادا ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيو.

وزيراعظم چيو ته هندستان رياستي دهشتگردي، بي  گناهه ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون قتل، اظهار جي آزادي تي پابندين ۾ ملوث آهي. جعلي مقابلن، گرفتاري دوران تشدد ۽ فوتگين، ڪشميري اڳواڻن جي نظربندي جي واقعن جي  سموري دنيا گواهه آهي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پيلٽ گنن جو استعمال گهرن کي باهيون  ڏئي رهي آهي.

عالمي برادري گواهه آهي ته ڀارت هر طريقو آزمائي به ڪشميري عوام جي جدوجهد کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. عمران خان چيو ته ڀارت جون هڪ طرفيون ڪارروايون، آر ايس ايس سان متاثر هندوتوا سوچ جي عڪاسي آهي. وزيراعظم چيو ته جمون ۽ ڪشمير تڪرار جي عالمي قانوني حيثيت گڏيل قومن جي قراردادن ۾ شامل آهي.

ميمبر ملڪن جي اجتماعي ذميواري آهي ته ڀارت پنهنجي عالمي ذميوارين کي تعميل کي يقيني بنائي. عالمي برادري هندوستان  کي رياستي دهشتگردي جي ذريعي خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش کان روڪي.

هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ ڪم ڪري. اهو واحد رستو آهي جيڪو ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بنائي سگهي ٿو.

پاڪستان ڪشميري عوام سان  ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهندو ۽ سندن حقن جي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀيڻ ڀائرن جي هر ممڪن مدد جاري رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔