صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان پاران مدرسي ۾ ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد: صدر عارف عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان ٻارن جي مدرسي ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو. 

عمران خان زخمين کي بهترين طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صدر عارف علوي شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. عارف علوي چيو ته  رب پاڪ پوئينرن کي صبرجي توفيق عطا فرمائي.

وفاقي وزير اطلاعات واري وزير شبلي فراز به مدرسي ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته شاگردن تي حملو ڪندڙن جو انسانيت سان ڪوبه تعلق ناهي. ملڪ کي تفرقي ۾ وجهندڙن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائينداسين. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير به پشاور ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي. محمود خان چيو آهي ته شاگردن کي نشانو بنائڻ انتهائي مذمت جوڳو ۽ طالماڻو قدم آهي. واقعي جا ذميوار قانون کان نٿا بچي سگهن. وڏي وزير محمود خان هنگامي اجلاس به طلب ڪري ورتو آهي.

مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز به پشاور مدرسي ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي هن چيو ته ٻارن  جو ٿيندڙ نقصان انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. مريم نواز چيو ته  جن مائرن جون هنجون اجڙيون آهن ان جي ڏک جو تصور ۽ ازالو ڪرڻ ممڪن ناهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت يوسفزئي به واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن  معصوم ٻارن تي حملو ڪري پنهنجا  ناپاڪ ارادا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن هو ڪڏهن به قانون کان بچي نٿا سگهن.

هن چيو ته ملڪ دشمن عناصرن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻنداسين. صوبائي وزير ٻڌايو ته نيڪٽا خيبرپختونخواهه حڪومت کي الرٽ جاري ڪيو هو. شوڪت يوسفزئي چيو ته دهشتگردي جي واقعي جو امڪان هو پر هنڌ جي خبر نه هئي اسان خطي ۾ دهشتگرد عناصرن کي منهن ڏيڻ ڄاڻون ٿا.

ياد رهي ته پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ هڪ مدرسي ۾ ڌماڪي سبب 7 شاگرد شهيد ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. مذڪوره مدرسو مسجد جي پاسي ۾ آهي ۽ اتي علائقي جا ٻار قرآن جي تعليم حاصل ڪرڻ آيا هئا. اي آءِ جي شفقت ملڪ موجب گهٽ ۾ گهٽ پنج ڪلو بارودي مواد ۾ ڇَرن ۽ ڪوڪن جو استعمال ڪيو ويو جنهن سبب نقصان وڌيڪ ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔