سنڌ سرڪار جي وزارتي ڪميٽي رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري ۽ آءِ جي سنڌ جي مبينا تذليل واري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي : سنڌ سرڪار جي وزارتي ڪميٽي رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري ۽ آءِ جي سنڌ جي مبينا تذليل واري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، ڪميٽي آءِ جي سنڌ جي گهر ۽ ڀرپاسي وارن رستن جا سي سي ٽي وي فٽيجز هٿ ڪري ورتا، ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ صفدر جي گرفتاري کان ٿاڻي تي منتقلي تائين جا به سي سي ٽي وي فٽيجز هٿ، وزارتي ڪميٽي طرفان روزانو بُنيادن تي جاچ ڪرڻ ۽ اجلاس ڪوٺائڻ جو فيصلو، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ کي به ڪجهه ڏينهن ۾ طلب ڪرڻ جا امڪان، وزارتي ڪميٽي هڪ مهيني اندر جاچ ڪري رپورٽ وڏي وزير حوالي ڪندي، وڏي وزير مراد علي شاهه صوبائي وزير سعيد غني جي سربراهي ۾ 5 رُڪني وزارتي ڪميٽي جوڙي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔