سياسي پارٽيون قومي ادارن خلاف ڳالهائي دشمن کي خوش ڪري رهيون آهن: شبلي فراز

اسلام آباد: وفاقي وزير اطلاعات شبلي فراز چيو آهي ته  سياسي پارٽين کي قومي ادارن جي خلاف ڳالهائي دشمن کي خوش نه ڪرڻ گهرجي.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي   هن چيو ته آزاد بلوچستان جو نعرو ڪهڙي ڳالهه طرف اشارو آهي؟ ٻاهر ويهي ملڪي اداري جي خلاف ڳالهائڻ ڪهڙي حب الوطني آهي.؟ شبلي فراز چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ فوج سرگرم آهي، هڪ طرف دهشتگردي جي خلاف ادارا سرگرم آهن ته ٻئي طرف ادارن جي خلاف ڪجهه ماڻهو سرگرم آهن.

هن چيو ته پي ڊي ايم جي جلسن ۾ ڇو(ن) ليگي اڳواڻن جي بيانن جي مخالفت نه ڪئي وئي. سياسي پارٽين جو(ن) ليگي اڳواڻن جي بيانن سان اتفاق ئي ملڪ دشمن بيانن کي هٿي ڏيندو آهي. وفاقي وزير اطلاعات جو چوڻ هو ته نوازشريف مختلف ڪيسن ۾ قوم  جو ڏوهاري آهي. هنن ٻاهران پئسو ٺاهيو ۽ هاڻ هو اتي ويهي ادارن کي گاريون ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته نوازشريف جي حب الوطني جو سوال ناهي پر دشمنن کي خوش ڪرڻ جو سوال آهي، نوازشريف کي ملڪ واپس آڻڻ لاءِ اسان وٽ ڪيترائي آپشن موجود آهن. شبلي فراز پروگرام جي دوران چيو ته فرانس ۾  جيڪو مسلمانن جي خلاف ٿي رهيو آهي ان جي مذمت  ڪندا آهيون.

وزيراعظم عمران خان فرانس ۾ مسلمانن جي خلاف ٿيندڙ عمل جي مذمت ڪئي. هن چيو ته اپوزيشن ڪشمير جي باري ۾ حڪومت جي خلاف احمقاڻيون ڳالهيون ڪندي آهي. وزيراعظم عمران خان عالمي سطح تي ڪشمير جي معاملي کي اٿاريو، پي ڊي ايم ڪهڙي جلسي ۾ ڪشمير جي ڳالهه ڪئي،  ڪهڙي تقرير ۾ گستاخ خاڪن جي مذمت ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔