سپريم ڪورٽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي، جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 2 رُڪني بئنچ نيب جي درخواست تي ٻڌڻي بعد فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ وارو لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار، نيب، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، نظرثاني درخواست ۾ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔