پشاور : پشاور جي دير ڪالوني ۾ مدرسي اندر زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 07 ڄڻا مارجي ويا، ٻارن سوڌو 70 کان وڌيڪ زخمي، پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز ڌماڪي واري جاءِ تان شاهديون گڏ ڪري ورتيون، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته مدرسي اندر درس جاري هو ته اوچتو ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي واري جاءِ تان شڪي ٿيلهو هٿ آيو آهي، شروعاتي جاچ موجب ٿيلهي ۾ 5 کان 6 ڪلو ڌماڪيدار مادو وجهي مدرسي ۾ آندو ويو هو، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي وقت مدرسي اندر 500 کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا.