وفاقي ڪابينه جي اڄوڪي اجلاس ۾ نوازشريف جي واپسي وارن قدمن جو جائزو ورتو ويندو

اسلام آباد: (اڱارو 27 آڪٽوبر 2020ع) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ سياسي، معاشي ۽ قومي سلامتي بابت معاملن جو جائزو ورتو ويندو.

وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ معمول جي 12 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا جو جائزو ورتو ويندو. ڪابينه اپوزيشن جي حڪومت مخالف تحريڪ، جلسن ۽ نوازشريف جي واپسي جي قدمن جو جائزو وٺندي. ان کان علاوه اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي ڪوئٽه واري جلسي ۾ رياست مخالف تقرير جو به جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ مهانگائي تي قابو ڪرڻ لاءِ تازي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.  جڏهن ته  ڪابينه کي ڪورونا جي موجوده صورتحال ۽ قدمن تي به بريفنگ ڏني ويندي.

ڪڻڪ کي گهرائڻ  بابت ڪابينه ۽ اي سي سي جا سمورا فيصلا ڪابينه جي سامهون رکيا ويندا ۽ ڪڻڪ کي گهرائڻ بابت ٽائم کان به آگاهه ڪيو ويندو. ان کان علاوه  کنڊ  کي گهرائڻ جي شيڊول تي به ڪابينه کي بريفنگ ڏني ويندي. وفاقي ڪابينه وزارتن، ڊويزنن ۽ ماتحت ادارن ۾ سي اي اوز ۽ ايم ڊيز جي خالي پوسٽن جا تفصيل اجلاس ۾ پيش ڪيا ويندا.

اجلاس کي ڪرمنل لا ريفارمز تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي جڏهن ته عسڪري ايئر کي آر پي ٽي جي لائسنس جي منسوخي جي به منظوري ڏني ويندي. اجلاس ۾ پاڪستان ريلوي جي تعمير ۽ نئين سري سان بحالي واري مڪمل پلان جي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. جڏهن ته وفاقي ڪابينه عرب ملڪن جي معززين جي لاءِ لائيو اسٽاڪ جي برآمد جو جائزو وٺندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔