طالبان جي تازي حملي ۾ 20 افغان فوجي مارجي ويا، 6 اغوا

ڪابل افغان طالبان ڏکڻ اولهه صوبي نمروز ۾ هڪ فوجي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري گهٽ ۾ گهٽ 20 فوجين کي ماري ڇڏيو.
صوبائي گورنر موجب اهو حملو خميس ۽ جمعي جي وچين رات ڪيو ويو ۽ باغي 6 فوجين کي يرغمال بڻائي پاڻ سان گڏ به کڻي ويا.
هوڏانهن طالبان ترجمان قاري محمد يوسف ان حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي.:
اختيارين موجب حملي جي ردعمل ۾ افغان فوجي دستن جمعي جي صبح صوبي ۾ طالبان جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔