بلوچستان: مستونگ ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئٽه: مستونگ ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري فورس جي ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ 4 دهشتگرد مارجي ويا. 

سي ٽي ڊي اختيارين موجب  دهشتگردي جي خاتمي واري فورس مستونگ جي علائقي  دشت ۾ دهشتگردن جي موجودگي تي هڪ گهر تي ڇاپو هنيو جنهن تي دهشتگردن طرفان فائرنگ شروع ڪئي وئي.

سي ٽي ڊي اختيارين موجب فائرنگ جي هنڌ تي ڌماڪن جا آواز به ٻڌا ويا.  جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 اهڪار به  زخمي ٿي پيا. سي ٽي ڊي اهلڪارن ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 ڄڻا مارجي ويا.

اختيارين جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن تان آپگهاتي جيڪٽس، دستي بم، هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ آيو آهي. جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن جا لاش سڃاڻپ جي لاءِ  سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔