پي ڊي ايم جو جلسو سڀاڻي ڪوئٽه ۾ ٿيندو، شهر کي مختلف پارٽين جي جهنڊن سان سينگاريو ويو

ڪوئٽه: (ڇنڇر 24 آڪٽوبر 2020ع) پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جو جلسو سڀاڻي ڪوئٽه ۾ ٿيندو. رپورٽ موجب پي ڊي ايم جي ڪوئٽه واري جلسي جي لاءِ ايوب اسٽيڊيم جي فٽ بال گرائونڊ ۾ تياريون زور شور سان جاري آهن.

جلسي جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ ايف سي سميت 4 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. ڪوئٽه ۾ مختلف سياسي پارٽين جا جهنڊا لڳايا ويا آهن جڏهن ته پي ڊي ايم اڳواڻ مولانا فضل الرحمان گذريل رات قلات پهچي ويو آهي. ان کان  علاوه محمود خان اچڪزئي، عبدالمالڪ بلوچ ۽ سردار اختر مينگل ڪوئٽه پهچي چڪا آهن. مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نوز پنهنجي 10 رڪني وفد سان گڏ اڄ ڪوئٽه  پهچي ويندي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گلگت کان خاص اڏام جي ذريعي سڀاڻي ڪوئٽه پهچندو پر جيڪڏهن هو ڪوئٽه نه پهتو ته هو وڊيو لنڪ جي ذريعي جلسي کي خطاب ڪندو. اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ نوازشريف لنڊن مان وڊيو لنڪ جي ذريعي جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندو.

ياد رهي ته ان کان اڳ پي ڊيم پنهنجو پهريون جلسو گوجرانوالا ۽ ٻيون جلسو ڪراچي ۾ ڪري چڪي آهي. هوڏانهن مريم نواز ڪوئٽه روانو ٿيڻ کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته جلسو ڪامياب ٿيندو. جڏهن ته اين آر او جي ضرورت ڪنهن ٻئي کي نه پر عمران خان کي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔