اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر ڪپل ديو دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال منتقل

نئين دهلي : ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ڪپل ديو کي دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا اڳوڻي ڪرڪيٽر کي دل جي دوري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪپل ديو کي نئين دهلي جي نجي اسپتال نيو ويو آهي، جتي ان جي انجيوپلاسٽي ڪئي ويندي.
واضح رهي ته 61 ورهين جي ڪپل ديو 1978 ۾ عالمي ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪيو هو ۽ هن ڀارت طرفان 131 ٽيسٽ ۽ 225 ون ڊي ميچون کيڏيون.
سندس اڳواڻي ۾ ڀارتي ٽيم 1983 ۾ ورلڊ ڪپ کٽيو، هن 1994 ۾ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته 1999 کان 2000 تائين ڀارتي ٽيم جو ڪوچ به رهي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔